جهانگير خان

جهانگير خان

جهانگير خان

جهانگير خان: جهانگير خان اسڪوائش جو عالمي چمپيئن، 10 ڊسمبر 1963ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن جي خاندان مان پهريان هاشم خان سڀ کان اول اسڪوائش راند جي ميدان ۾ پير پاتو ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪيو. ان بعد روشن خان، قمر زمان، طورسم خان ۽ جهانگير خان هن راند کي پيشو بڻايو. جهانگير خان پهرين ڪاميابي سيپٽمبر 1979ع ۾ سورنهن سالن جي عمر ۾ عالمي شوقيه چئمپين شپ کٽي حاصل ڪئي. هن پنهنجي اسڪوائش ڪيريئر ۾ ڇهه دفعا عالمي چئمپين شپ کٽي. هن ڏهن سالن تائين برٽش اوپن چئمپين شپ جهڙو عظيم انٽرنيشنل اعزاز لڳاتار کٽي هڪ نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو. صرف 1985ع ۾ نيوزيلينڊ جي اڳوڻي عالمي چئمپين راس نارمن کان ۽ 1994ع ۾ سترهين عالمي اوپن اسڪوائش چئمپين شپ (ڪراچيءَ) جي فائنل ۾ پاڪستان جي جان شير خان جي هٿان شڪست مليس. ساڳئي سال 30 سالن جي عمر ۾ رٽائرڊ ٿي ويو . هو نه رڳو سافٽ بال اسڪوائش جو چئمپين رهيو، بلڪ هو آمريڪا ۾ کيڏندڙ اسڪوائش جو مقبول قسم هارڊ بال جو عالمي چئمپين به رهيو. صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگيءَ سان به نوازيو ويو. هن جي شاندار ڪارڪردگيءَ کان متاثر ٿي، ڪينيڊا جي هڪ اداري جهانگير جي لاءِ ’دي ڪانڪرر‘ (فاتح) جي نالي سان هڪ فلم پڻ ٺاهي آهي.


لفظ جهانگير خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو